سون مياڻي

سون مياڻي

سون مياڻي

سون مياڻي: ڪراچيءَ کان پنجاهه ڪلوميٽر اتر- اولهه طرف سون مياڻيءَ جو سامونڊي علائقو واقع آهي. هتي قديم زماني کان وٺي بندرگاهه موجود آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ هيءَ بندرگاهه نهايت اهميت وارو رهيو هو. 1805ع ۾ پورچوگيزن هن بندرگاهه کي لٽي، ڦري، آخر ۾ باهه لڳائي ڇڏي هئي. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو، تڏهن سون مياڻيءَ جي بندر تي سندن فوجي جهازن جي لنگر انداز ٿيڻ جو ذڪر ملي ٿو. ترڪي ۽ سڄي عربستان جي رياستن جو سنڌ سان ڏيتي ليتي وارو رستو به هن بندرگاهه ذريعي رهيو هو. گھوڙن ۽ ڍورن جا اعلى نسل هن بندرگاهه جي ڀرپاسي ۾ پاليا ويندا هئا. عربن جي اٺن جا واڙا به هتي قائم هئا. سون مياڻي، هن وقت بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي ۾ آهي، جڏهن ته اصل هيءُ سنڌ جو علائقو هو، جيڪو انگريزن سنڌ کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ آندو. سون مياڻيءَ لاءِ مشهور هو ته هن مقام تان سون جون کاڻيون ۽ ذخيرا مليا هئا. موجوده دور ۾ سون مياڻي سياحت جو اهم مرڪز هجڻ سان گڏ مڇيءَ جي ڪاروبار جي ڪري مشهور آهي. هتان جو آبي شڪار پرڏيهه وڪرو ٿيندو آهي، جنهن ۾ جهينگا، گانگٽ، وڏيون سامونڊي مڇيون، کيکڙا، گوج مڇي، شارڪ، سونهري مڇي ۽ جيلي فش شامل آهن. هتي سپارڪو فلڪياتي اداري جي هڪ اسٽيشن قائم آهي، جتي مختلف طرز جي راڪيٽ لانچرن جي (اسمبل) تيار ڪرڻ جو ورڪشاپ موجود آهي. هتي مختلف سائنسي تجربا ڪيا ويندا آهن.


لفظ سون مياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو